طاهره واسطي

طاهره واسطي

طاهره واسطي

طاهره واسطي: مشهور اداڪاره طاهره واسطي 1944ع ڌاري سرگوڌا پنجاب ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سرگوڌا ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ لاهور وئي. پڙهائي دوران کيس اداڪاريءَ جو شوق ٿيو. 1968ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان اداڪاريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس پهريون ڊرامو مشهور افسانه نگار سعادت حسين منٽو جو لکيل ”جيب ڪترا“ هو. طاهره واسطي کي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پهرين صف جي اداڪارائن ۾ ڳڻيو ويو. پاڻ اداڪاره هئڻ سان گڏ سٺي ليکڪا پڻ هئي، سائنس فڪشن تي تمام سٺو لکيائين ٽي. وي لاءِ هن ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ڪالي ماتا“ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. طاهره واسطيءَ ٽي. وي اداڪار ۽ انگريزي نيوز ڪاسٽر رضوان واسطيءَ سان شادي ڪئي. طاهره کي ڊراما سيريل ”افشان“ ۾ يهودي واپاري جي ڌيءَ ڊرامي آخري چٽان“ ۾ راڻي ازابيل جي ڪردار سبب گهڻي شهرت ملي. سندس ٻين ڊرامن ۾ ”غرناطه“، ”شاهين“ ۽ ”ٽيپو سلطان“ گهڻو مقبول ٿيا. طاهره واسطي 11 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ طاهره واسطيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2012.03.11  عيسوي

طاهره واسطي 1944ع ڌاري سرگوڌا پنجاب ۾ جنم ورتو. هن 11 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنگر غلام نبي
باغ علي شاهه
بنو اميه
اظهار قاضي
مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان
سَنت شڌارام
پارس عباسي
چندر پٽ سيلائج
احمد شاهه ذاڪري
اڪبر لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون